ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي: ابوالقاسم ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو 1138هه/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. شڪر الله جي خاندان مان هجڻ ڪري کيس ابوالقاسم شڪر الاهي سڏيو ويندو هو. هو ٻارهن ورهين جو هو ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو. ٺٽو تنهن زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، ان ڪري ابوالقاسم به شعر چوڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ بابت لکيل مشهور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ جو ليکڪ مير علي شير ”قانع‘ ٺٽوي، سندس همعصر هو. ميان مرادياب خان ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جي تخت تي ويٺو ته ٻنهي نعتيه ڪلام چيو، جيڪو تاريخ متعلق هو. سيد ابوالقاسم شڪر الاهي ”مقالات الشعراءَ“ جي لکجڻ، يعني سن 1169هه تائين زنده هو. هي صاحب شايد انهيءَ صديءَ جي آخر يا 13 صدي هجري جي اوائل ۾ رحلت ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1725.00.00  عيسوي

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي: ابوالقاسم ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي . نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو . هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو . هو 1138هه/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .


1138.00.00  هجري

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي: ابوالقاسم ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي . نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو . هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو . هو 1138هه/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ششرذ هندي
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني
دراني جهان خان مولانا
شهمير شاهه مٽياروي سيد
عبدالڪريم قريشي ٻير وارو مولانا
عبدالستار شيخ
محمد اسماعيل سومرو
محمد عالم سومرو مولانا
پنهواري عبدالقادرعلامه
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون